ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻيٽن جي الحاق وارو آرڊيننس واپس ورتو وڃي ۽ جيسين اهو واپس نه ٿيندو تيسين وفاقي حڪومت سان ڪنهن به مسئلي تي ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي. اهڙو اظهار هن سنڌ ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪابينا جو اجلاس سندس صدارت ۾ جاري آهي جنهن ۾ گذريل ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي ويندي. گذريل اجلاس ۾ ٻيٽن تي وفاق جي قبضي کي رد ڪندي آرڊيننس واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو.










