ڪراچي(استاف رپورٽر) ڪراچي جي ڪورنگي 5 واري سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽر فرخ شير خان خلاف جنسي حراسگي وارن الزامن جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي آهي. ڪاميٽي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته 15 ڏينهن ۾ رپورٽ سيڪريٽري صحت کي پيش ڪئي وڃي. ڊاڪٽراعجاز خانزادو جيڪو او ايس ڊي آهي، ڪاميٽي جو سربراهه هوندو. جڏهن ته صحت کاتي جو ڊپٽي سيڪريٽري محمد ابراهيم ميمڻ ۽ سيڪشن آفيسر افتخار عالم بابلاڻي ان جا ميمبر هوندا. جنسي حراسگي بابت اي آر واءِ چينل تي خبر نشر ٿيڻ بعد ڪورنگي جي سرڪاري اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ جي موڪليل شڪايت تي هي جاچ ڪاميٽي ٺاهي وئي آهي. ان باري ۾ سيڪريٽري صحت پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ڪورنگي جي هن اسپتال ۾ اڳ ۾ به ابراهيم حيدري سان تعلق رڪندڙسنڌي نياڻي جيڪا ڏاٺ جي سور جي دوا وٺڻ آئي هئي تنهن کي نشو ڏئي ساڻس زيادتي ڪئي وئي ۽ بعد ۾ زهر جي سئي هڻي کيس قتل ڪيو ويو هو. واقعي ۾ سنڌي ڊاڪٽرن جي ملوث هجڻ جو الزام هو.
سپريم ڪورٽ ۾ ٽن ججن جي مقرري لاءِ جڊيشل ڪميشن اجلاس طلب
زرداري نجي دوري تي دبئي روانو، گيلاني قائم مقام صدر
ايراني صدر،پرڏيھي وزير سميت ھيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت
ايراني قوم پرعزم آهي، ڏکيو وقت گذاري ويندي: مراد شاهه
گم ٿي ويل شاعر احمد فرهاد جي بازيابيءَ لاءِ جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم
چيف جسٽس جو قيمتي تحفو توشه خانه ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم
ايراني صدر جي لاڏاڻي تي سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ هڪ منٽ جي خاموشي
آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ترڪ پرڏيهي وزير هاڪان فدان جي ملاقات
وطن جي حفاظت ڪندڙ سمجهدار آهن، ريمارڪس سان تڪليف ٿي،تارڙ
ڪارنهن الزام،جوابدار گهر واري ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو
مدئجي ڀرسان معصوم نينگر جو لاش مڇيءَ جي تلاءَ مان هٿ
شڪارپور ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ،ڏوهارين جا ڪيترائي ٿاڪ ڊاهي پٽ
ايراني صدر حادثو: صدر ۽ وزيراعظم طرفان ڏک جو اظهار
ناڻي واري وزارت پاران آءِ ايم ايف کي خرچ گهٽائڻ جو منصوبو پيش
نيب وٽ ثبوت ناهن، هي ادارو ملڪ جي تباهي جو سبب بڻيو: عباسي
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 30 پئسا ٿي ويو
نواز شريف 1985ع کان وٺي حڪومت تبديل ڪرڻ جي هر سازش ۾ ملوث رهيو
ن ليگ اڳواڻ رانا ارشد جي ڪاميابي وارو نوٽيفڪيشن رد
لانگ مارچ ٽوڙ ڦوڙڪيس: عمران خان،شيخ رشيد، فيصل جاويد بري
نوابشاهه ۾ مبينا پوليس مقابلو، 2 جوابدار مارجي ويا