‘ڪوئن دي ايجوڪيشن موومينٽ’ اسڪولي عمارت جو افتتاح

‘ڪوئن دي ايجوڪيشن موومينٽ’ اسڪولي عمارت جو افتتاح

جان محمد سوسائٽي(غلام رسول مھر)ڳوٺ شفيع آباد ۾ قائم گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي ڪونٿ ايجوڪيشن موومينٽ (سي ٽي اي) طرفان ڏنل اسڪول جي بلڊنگ جي افتتاحي تقريب منعقد ٿي، جنھن ۾ ٽي اي او محمد يوسف ڌانڌو، محمد حاڪم شيخ، ڪونٿ ايجوڪيشن جو اڳواڻ آغا شڪيل،اسڪول ھيڊ ماستر استاد محمد صلاح مھر، استاد محمد عثمان مھر فوڪل پرسن محمد حاڪم،استاد زبير احمد مھر،ابوبڪر ڪلوڙ، قادر مھر سميت ڳوٺاڻن استادن ۽ شاگردن توڙي شاگردياڻين  وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، شاگردن تقريرون ڪيون ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا ،اسڪول ھيڊ  ماستر استاد محمد صلاح مھر ڳالھائيندي چيو ته اسين ٿورائتا آھيون ڪونٿ ايجوڪيشن موومينٽ وارن جا جن اسڪول جي شاگردن کي بلڊنگ ڏني ۽ خاص ڪري آغا شڪيل جو جيڪو ھن سموري ڪم کي ليڊ ڪري رھيو آھي،مان سڀني کي اپيل ڪيان ٿو ته نياڻيون پڙھايو.

Photo Sindhyar

ٽي اي او محمد يوسف ڳالھائيندي چيو ته ڪونٿ ايجوڪيشن وارن جو ٿورائتو آھيان جيڪو ڪم اسان ايجوڪيشن ڊپارٽميٽ کي ڪرڻو ھو اھو ‘ڪوئن دي ايجوڪيشن موومينٽ’ وارن ڪري ڏيکاريو،ھتان جي نوجوانن ۾ ھمٿ آھي ھتي سنڌيار اخبار جي سرواڻ اعجاز مھرجي محنت آھي جو ھي نوجوان پنھنجي پيرن تي بيٺل آھن، ڪوئن دي ايجوڪيشن موومينٽ ڪائونسل جي مرڪزي اڳواڻ سنيل ڪمار چيو ته مون کي تمام گھڻي خوشي ٿي آھي ھي بلڊنگ ڏسي، پنھنجي اولاد ۽ نياڻين کي تعليم پڙھايو ،ان کان وڌيڪ ڪابه بھتر عبادت ناھي،آغا شڪيل ڳالھائيندي چيو ته اسڪول اھڙي جگهه آھي جتي ٻار ٻيو ماحول ڏسي، اسين اھا سوشل مووميٽ آھيون جيڪا ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ سان هٿ هٿ سان ملائي ھلندا سين، اسان اوھان کان گھرندا سين نه اسان اوھان سان گڏ بيھندا سين،بلڊنگ مڪمل ٿيڻ کانپوء اسين ڀانڊارو کڻون ٿا اوھان شاگردن لاء سولر سسٽم لڳائيندا سين ۽ ڪوشش ڪندا سين ته ھر ڪمري ۾ ايئر ڪولر لڳائيندا سين،جلد بلڊنگ کي بھترين ڪلر ڪرايو ويندو،تعليم کي بھتر بڻايو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو