لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) پوري ملڪ ۾ عوامي رابطي جي مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو آهي، شيڊيول موجب 3 آڪٽوبر تي لاهور جي ريگل چوڪ تي شهبازشريف جي گرفتاري خلاف احتجاج ٿيندو، 7 آڪٽوبر تي نوازشريف ايم پي ايز ۽ ٽڪيٽ هولڊرن سان ۽ 8 ڪٽوبر تي ايم اين ايز، سينيٽرز ۽ ٽڪيٽ هولڊرن کي خطاب ڪندو. مسلم ليگ (ن) طرفان جاري ڪيل شيڊيول موجب 9 آڪٽوبر تي ڊويزنل هيڊڪوراٽرز ۾ شهبازشريف جي گرفتاري خلاف احتجاج ڪيو ويندو جڏهن ته 12 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ ڪنوينشن ڪوٺايو ويندو ۽ 16 آڪٽوبر تي گوجرانوالا ۾ جلسو منعقد ڪيو وينديو.










