سياست سان فوج جو واسطو ناهي، آرمي چيف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي آهي. جنهن ۾ ملڪ جي اندروني سلامتي، سرحدي صورتحال سميت مختلف معاملن بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هي ملاقات اپوزيشن جي ڪلجماعتي ڪانفرنس جي منعقد ٿيڻ جي 24 ڪلاڪن اندر ٿي آهي. جنهن ۾ ملڪ جي وڏين مخالف ڌر جي سياسي اڳواڻن، پاڪستان جي اڳوڻي صدر، ڳوڻن وزيراعظمن ميان نواز شريف، يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، مرڪزي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان، محمود خان اچڪزئي، آفتاب شير پائو سميت اهم سياسي قيادت شرڪت ڪئي هئي. پڌرنامي ۾ اسٽيسبلشمينٽ ايجنسين ۽ فوج کي آئيني حدن ۾ رهڻ ۽ سياست مان مداخلت ختم ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو هو. اپوزيشن وزيراعظم جي مستعفي ٿيڻ ۽ عام چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو به ڪيو هو. آرمي چيف سان گڏ آءِ ايس آءِ جو سربراهه به شريڪ هو ۽ وفاقي ڪابينا جا ڪجهه وزير به ملاقات م موجود هئا. جنهن بعد شيخ رشيد اي آر واءِ سان ڳالهائيندي چيو ته آرمي چيف چيو آهي ته فوج سياست ۾ مداخلت سان ڪو تعلق ناهي جيڪا حڪومت هوندي ان جي مدد ڪندا آهيون. شيخ رشيد چيو ته اپوزيشن وارن کي سوچڻ گهرجي ايئن نه ٿئي ته 20 سال وري جمهوريت لاءِ سڪندا رهن. ان کان اڳ شاهه محمود قريشي، فواد چوڌري، اسد عمر ۽ شبلي فراز گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ اپوزيشن جا الزام ر ڪندي چيو ته نواز شريف فوج تي حملو ڪيو آهي. هنن ڀارتي اخبارن ۾ ان بابت شايع ٿيل سرخيون به ڏيکاريون. اسد عمر چيو ته فوج جي وڏي قرباني آهي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 6هزار کان مٿي فوجي شهيد ٿيا آهن رڳو هلندڙ سال 150 کان مٿي شهيد ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو