ٽيڪس نه ڀريندڙ وفاقي وزير ۽ پارليامينٽرينز جا تفصيل جاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فيڊرل بورڊ آف روينيو ( ايف بي آر ) پارليامينٽ جي سال 2018 جي ميمبرز جي ٽيڪس ڊائريڪٽري جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب اڳوڻي وزير اعظم ۽ ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي سڀ کان وڌيڪ 24 ڪروڙ 13 لک 29 هزار 362 رپيا ٽيڪس ڏنو، وزير اعظم عمران خان مالي سال 2018 ۾ 2 لک 82 هزار 449 رپيا ٽيڪس ادا ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري 2 لک 94 هزار 117 رپيا ٽيڪس ادا ڪيو، آصف علي زرداري 28 لک 91 هزار 455 رپيا انڪم ٽيڪس ادا ڪئي. ان بابت صدر زرداري جي ترجمان چيو آهي ته هن مجموعي طور 2 ڪروڙ22 لک 55 هزار روپيا ٽيڪس ادا ڪئي هئي. ترجمان موجب هن 2018 ۾ 99 لک 87 هزارزرعي ٽيڪس ادا ڪئي هئي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ڪوبه ٽيڪس ادا ناهي ڪيو، ايف بي آر موجب بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال سڀ کان وڌيڪ 48 لک 8 هزار 948 رپيا ٽيڪس ادا ڪيو آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه 10 لک 22 هزار 184 رپيا ٽيڪس ادا ڪيو. شهباز شريف 97 لک 30 هزار 545 رپيا ۽ حمزا شهباز 87 لک 5 هزار 368 رپيا ٽيڪس ادا ڪيو. پي ٽي آءِ جي سينيٽر فيصل جاويد، وفاقي وزي فيصل واوڊا به ڪا ٽيڪس ادا ناهي ڪئي. مذهبي معاملن جي وفاقي وزير پير نور الحق قادري، فاٽا جي سينيٽر شميم آفريدي ۽ راڻا مقبول به ڪا ٽيڪس ادا ناهي ڪئي. ايم اين ايز مان محمد ساجد، بشير خان، زاهد اڪرم دراني ۽ شير علي ارباب به ڪا ٽيڪس ادا ناهي ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو