منهنجو آواز دٻايو پيو وڃي، مقابلو ڪندس، خورشيد شاهه

سکر( بيورو رپورٽ ) احتساب عدالت خورشيد شاهه ۽ ٻين خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي وڪيلن جي هڙتال سبب 5 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته منهنجو آواز دٻائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، آئون هر ڳالهه کي منهن ڏيڻ لاءِتيار آهيان. آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه کي اسپتال کان ايمبولنس ذريعي احتساب عدالت آندو ويو. وڪيلن جي هڙتال سبب عدالت بنا ڪارروائي جي ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائندي چيو ته عدالت مونکي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته نيب وارا هاٰءِ ڪورٽ هليا ويا، منهنجو آواز دٻائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، آئون هر ڳالهه کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موجود آهيان، هن چيو ته وزير اعظم جي قول ۽ فعل ۾ فرق آهي، عمران خان جيڪي عوام سان واعدا ڪيا اهي پورا ناهن ڪيا

پهنجو تبصرو موڪليو