اسمگلنگ روڪڻ لاءِ 18 بارڊر مارڪيٽ قائم ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان اسمگلنگ روڪڻ لاءِ پاڪ افغان ۽ پاڪ ايران سرحدن تي 18 بارڊر مارڪيٽون قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ خميس تي ٿيل پاڪ افغان ۽ پاڪ ايران سرحدي علائقن بابت اجلاس ۾ اهڙو فيصلو ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته پائلٽ پروجيڪٽ طور خيبرپختونخواه ۾ هڪ ۽ بلوچستان ۾ 2 بارڊر مارڪيٽ فوري قائم ڪيا وچن جيڪي ايندڙ سال فيبروري کان کلڻ گهرجن. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ، پنجاب ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن سميت وفاقي وزيرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وڏي وزير ڄام ڪمال بلوچستان جي معدني وسيلن بابت بريفنگ ڏني، بريفنگ دوران چيو ويو ته ملڪي سيڙپڪار بلوچستان جي معدني وسيلن ۾ دلچسپي رکن ٿا. اعليٰ سطحي اجلاس ۾ پاڪ، افغان سرحد تي 12 ۽ پاڪ ايران سرحد تي 6 مارڪيٽس قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت واپاري برادري کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي، معدني وسيلن کي شفاف نموني استعمال ۾ آندو وڃي، معدني وسيلن جي استعمال سان صوبن ۾ خوشحالي ايندي. وزيراعظم چيو ته مارڪيٽس سان سرحدي علائقن ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ملندو ،سرحدن تي مارڪيٽس لاءِ لاڳاپيل عملو مقرر ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ڪراچي جي ماسٽر پلان کي حتمي شڪل ڏين جي هدايت ڪئي وئي. سنڌ جي چيف سيڪريٽري اجلاس کي ٻڌايو ته صوبي جي 17 شهرن جي ماسٽر پلان تي نظر ثاني ڪئي پئي وڃي، 3 شهرن جا ماسٽر پلان تيار آهن ۽ 6 شهرن جا پلان هلندڙ سال جي آخر تائين مڪمل ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو