پاڪ افغان تجارت لاءِ نئون ٽريڊ ٽرمينل کلي ويو

ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال عالياڻي پاڪستان ۽  نئين افغانستان ۾ تجارت لاءِ قلعه عبدلله ضلعي ۾ ياديني وٽ نئين ٽريڊ ٽرمينل جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي ڪو ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل محمد وسيم اشرف ۽ ڪمانڊنٽ ايف سي ميجر جنرل فياض حسين شاهه ۽ ٻيا به موجود هئا. واپارين نئين ٽرمينل جي ڀليڪار ڪندي چيو ته ان سان وڏي تجارتي سهولت ملندي ڇو ته چمن ۾ قائم ٽرمينل تي اڪثر آمريڪي ۽ نيٽو جي سامان سبب مشڪل ٿيندي هئي ۽ ڪافي دير سان شيون ڪليئر ٿينديون هيون. وڏي وزير چيو ته اسانجي صوبي ۾ روڊ نيٽ ورڪ جو مسئلو آهي، گذريل سال 25وو ڪلوميٽر روڊ ٺاهيا ۽ هن سال 3000 ڪلوميٽر جو ٽارگٽ آهي. ياد رهي ته 15 جولاءِ کان حڪومت واهگه ذريعي افغان ٽرانزٽ ٽريڊ بحال ڪيو هو. جڏهن ته کوکرو پار سرحد بند آهي. جيڪا سنڌ ۽ بلوچستان جي ڀارت سان واپار جو آسان ذريعو آهي پر اهو مسرف دور ۾ ڪجهه عرصو کولڻ بعد بند ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو