موٽر وي ريپ ڪيس جي مک جوابدار عابد جي زال گرفتار

لاهور(ويب ڊيسڪ) موٽر وي لڄا لُٽ ڪيس جي مک جوابدار عابد جي گهرواري کي پوليس قصور مان گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي جڏهن ته 8 ڏينهن گذرڻ باوجود غباد هٿ نه اچي سگهيو آهي. عابد جا سندس زال سميت 5 ويجها مائٽ پوليس جي حراست ۾ آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته عابد ٻه ڏينهن اڳ گهر وارن سان رابطو ڪيو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته قصور ۾ 2 ڪلوميٽر هم چورس فصلن کي گهيرو ڪري تلاشي ورتي جتان عابد جي گهرواري هٿ آئي پر عابد نه مليو. عابد سان سندس گهرواري بشريٰ بي بي جي ٻئي شادي آهي پهرين مڙس کان هن علحدگي بعد شادي ڪئي هئي. سندس تعلق فيصل آباد جي تعلقي تاندليان والا سان آهي. ياد رهي ته 9 ۽ 10 سيپٽمبر جي وچ واري رات ڌيڍ وڳي لاهور کان گجرانولا ويندي موٽر وي تي گاڏي جو تيل ختم ٿيڻ سبب مدد جي انتظار ۾ بيٺل عورت کان ڦر بعد سندس ٻارن جي سامهون ريپ ڪيو ويو هو. عابد جو ساٿي شفقت گرفتار آهي جنهن ڏوهه جو اقرار ڪيو هو ۽ هو جيل ۾ آهي ۽ 29 سيپٽمبر تي کيس عدالت ۾ ٻيهر پيش ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو