پابندي مڙهيل تنظيمن جي ضبط ڪيل ملڪيتن جو تفصيل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو کاتي پابندي پيل تنظيمن جون ملڪيتون مُنجمد ڪرڻ جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا، سينيٽ ۾ سوالن جوابن جي ساهي مهل جمع ڪرايل جواب ۾ وفاقي گهرو کاتي ٻڌايو آهي ته پرڏيهي کاتي جي کنيل قدمن تحت پابندي پيل تنظيم جيش محمد جي 57 ۽ جماعت الدعوه جي 907 ملڪيتن کي منجمد ڪيو ويو آهي، جماعت الدعوه جي 76 اسڪولز، 4 ڪاليجز ۽ 330 مدرسن کي منجمد ڪيو ويو، وفاقي گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ جماعت الدعوه جون 80 ۽ جيش محمد جون 3 ملڪيتون منجمد ڪيون ڪيون ويون، مملڪتي وزير علي محمد خان سينيٽ ۾ بيان ڏيندي چيو آهي ته گڏيل قومن طرفان پابندي لڳائڻ بعد وفاقي گهرو کاتي پاڻ مدرسا بند ڪيا آهن، جيڪي مدرسا ڪليئر ٿيندا، اُنهن کي ٻيهر کوليو ويندو، ڪيترين ئي عالمي اين جي اوز کي به بند ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو