سشانت آپگهات ڪيس ۾ گرفتار گرل فرينڊ جي ضمانت رد

ممبئي (ويب ڊيسڪ)عدالت اداڪار سشنات سنگهه راجپوت جي گرل فرينڊ اداڪاره ريا چڪربورتي جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب آپگهات ڪندڙ ڀارتي اداڪار سشانت سنگهه جي ڪيس بابت منشيات جي استعمال ۽ خريداري جي ڪيس ۾ گرفتار ريا چڪربورتي ممبئي جي عدالت ۾ ضمانت جي درخواست ڏني هئي جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو آهي. عدالت ريا چڪربورتي جي ڀاءُ شووڪ چڪربورتي ۽ ٻين 8 جوابدارن جي پڻ ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. عدالت طرفان ضمانت جي درخواست رد ٿيڻ بعد هاڻ ريا چڪربورتي کي 22 سيپٽمبر تائين ممبئي جي بائڪُلا جيل ۾ جوڊيشل ريمانڊ تي رهڻو پوندو. ٻئي طرف ريا چڪربورتي جي وڪيل ممبئي جي هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست داخلڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو