برساتي پاڻي پنهنجي فصلن ۾ خارج ڪرڻ جو انوکو مثال

ٽنڊوباگو (رپورٽ: ڄام سھيل سمون)ڏيئي شهر ۾ بيٺل برسات جو پاڻي يو سي چيئرمين پنهنجي فصلن ۾ ڪڍي شهرين جي خدمت جو انوکو مثال قائم ڪيو آهي. 25 هزار آبادي هجڻ باوجود به ڏيئي ۾ سم نالو ناهي، شهر جي هريجن پاڙي، جمالي پاڙي سميت شهر جو برساتي پاڻي ڏيئي يونين ڪائونسل جي چيئرمين محمد زمان جمالي پنهنجي بيٺل فصلن ۾ نيڪال ڪرائي شهر کي بچائي ورتو آهي. برساتي پاڻي يوسي چيئرمين محمد زمان جمالي، قمر جمالي، اڪبر جمالي ۽ گل حسن جمالي جي سوين ايڪڙن تي بيٺل ڦٽين، سارين ۽ مرچن جي فصلن مان نيڪال نه ٿيڻ ڪري سندن فصل مڪمل طور تي سڙي تباھ ٿي ويا آهن. ٻي طرف اڪبر جمالي جي زرعي فارم تي برساتي پاڻي سبب هارين ڀڳڙو ڀيل، ڀورو ڀيل ۽ لڇمي ٻائي جا گهر ٻڏي وڃڻ ڪري هو پنھنجا ٻچا وٺي روڊ تي کليل آسمان هيٺ جھوپڙا ٺاهي ويٺل آهن، هنن ٻڌايو ته اسين 15 ڏينهن کان وٺي روڊ تي ويٺل آهيون پر ڪنهن به سرڪاري ڪاموري يا چونڊيل نمائندي اسان جي ڪا به مدد نه ڪئي آهي، هنن چيو ته اسان جا معصوم ٻارڙا مليريا جي بيماري ۾ وٺجي ويا آهن. هنن گهر ڪئي ته کين راشن ۽ ٽينٽ فراهم ڪيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو