عدالت صبا قمر ۽ بلال سعيد جي ضمانت منظور

لاهور (ويب ڊيسڪ) سيشن ڪورٽ لاهور اداڪارا صبا قمر ۽ گلوڪار بلال سعيد جي عبوري ضمانت پڪي ڪري ڇڏي. سيشن جج چوڌري قاسم علي فيصلي ۾ چيو آهي ته جزا ۽ سزا جو تعين ٽرائل بعد ٿيندو. سرڪاري وڪيل چيو ته سوشل ميڊيا تي وائرل ويڊيو پوليس کي ناهي ملي. صبا قمر ۽ بلال سعيد عدالت ۾ موجود هئا. جن اڳ ۾ ئي مسجد ۾ رقص ڪرڻ جي ترديد ڪندي معافي به طلب ڪئي هئي. عدالت سندن عبوري ضمانت پڪي ڪرڻ بابت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو. ان کان اڳ ساڳئي عدالت سندن حاضري کان ڇوٽ جي درخواست به منظور ڪئي هئي. ڇو ته هنن درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته سندن حياتي کي خطرو آهي تنهن ڪري ٻئي فنڪار عدالت ۾ پيش نٿا ٿي سگهن. خيال رهي ته اداڪارا صبا قمر ۽ اداڪار بلال سعيد جي البم جي هڪ گاني جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي جنهن ۾ ٻنهي فنڪارن مجاز اختيارين جي اجازت بعد لاهور جي مسجد وزير خان ۾ شوٽنگ ڪئي هئي. وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندي ئي ٻنهي فنڪارن تي تنقيد ڪئي وئي هئي ۽ اڪبري گيٽ ٿاڻي ۾ قلم 295 تحت ٻنهي خلاف ڪيس به داخل ڪرايو ويو هو. مذهبي ڌرين ۾ تاءَ سبب داخل ڪيس ۾ هنن ضمانت به ڪرائي ورتي هئي.لاهور (ويب ڊيسڪ) سيشن ڪورٽ لاهور اداڪارا صبا قمر ۽ گلوڪار بلال سعيد جي عبوري ضمانت پڪي ڪري ڇڏي. سيشن جج چوڌري قاسم علي فيصلي ۾ چيو آهي ته جزا ۽ سزا جو تعين ٽرائل بعد ٿيندو. سرڪاري وڪيل چيو ته سوشل ميڊيا تي وائرل ويڊيو پوليس کي ناهي ملي. صبا قمر ۽ بلال سعيد عدالت ۾ موجود هئا. جن اڳ ۾ ئي مسجد ۾ رقص ڪرڻ جي ترديد ڪندي معافي به طلب ڪئي هئي. عدالت سندن عبوري ضمانت پڪي ڪرڻ بابت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو. ان کان اڳ ساڳئي عدالت سندن حاضري کان ڇوٽ جي درخواست به منظور ڪئي هئي. ڇو ته هنن درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته سندن حياتي کي خطرو آهي تنهن ڪري ٻئي فنڪار عدالت ۾ پيش نٿا ٿي سگهن. خيال رهي ته اداڪارا صبا قمر ۽ اداڪار بلال سعيد جي البم جي هڪ گاني جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي جنهن ۾ ٻنهي فنڪارن مجاز اختيارين جي اجازت بعد لاهور جي مسجد وزير خان ۾ شوٽنگ ڪئي هئي. وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندي ئي ٻنهي فنڪارن تي تنقيد ڪئي وئي هئي ۽ اڪبري گيٽ ٿاڻي ۾ قلم 295 تحت ٻنهي خلاف ڪيس به داخل ڪرايو ويو هو. مذهبي ڌرين ۾ تاءَ سبب داخل ڪيس ۾ هنن ضمانت به ڪرائي ورتي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو