ڪلوئي رپورٽ غلام مصطفي نهڙيو( ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي ڪلوئي ۽تعلقي ڏيپلو ۾ آيل طوفاني برساتن سبب غريب ماروئڙن جا ڪکاوان گهر ڪري پيا آھن متاثرين کليل آسمان هيٺ عارضي پناه گاهون ٺاهي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آھن هڪ هفتي کان لاڳيتو برساتون وسڻ ڪري ڀٽن مان نديون وهي اچڻ جي ڪري ڳوٺن کي شھرن سان ملائيندڙ روڊ هنڌان هنڌان ٽٽي ويا آھن ماڻھن جي آمدرفت معطل ٿي ويئي آھي.

ٻھراڙي جا ڳوٺ ڪافي پري هجڻ سبب نه ته ڪا اين جي او يا سنڌ سرڪار طرفان ڪو به مدد لاء نه پهتو آھي ٻئي طرف تعلقي ڪلوئي جي بئراجي علائقن ۾ پڻ برساتن تباهي مچائي ڇڏي آھي ڪافي ڳوٺ اڃان تائين ٻڏل آھن ماڻھو ڀٽن ۽ روڊن جي ڪنارن تي عارضي جهوپڙيون ٺاهي ويٺل آھن.امدادي راشن ۾ مبينا گهوٻين ۽ سياسي اڳواڻن پاران پنهنجا نواز پاليسي خلاف ٻوڏ متاثر رستن تي نڪري آيا، ڪلوئي نئون ڪوٽ روڊ کي ٽن الڳ الڳ جڳهين تي بلاڪ ڪري ڌرڻا هنيا ويا. ٽن ڪلاڪن تائين روڊ مڪمل بند رهيو تڪ جي ايم اين اي مهيش ملاڻي خلاف نعريبازي مختيارڪار ڪلوئي مظاهرين وٽ پهتو، مظاهرين پاران روڊ کولڻ کان انڪار، مختيار ڪار ڪلوئي جي ٻوڏ متاثرن پاران تذليل مختيارڪار جو گهيرو هن ڀڄي جان ڇڏائي نئون ڪوٽ ۽ وڄوٽو پوليس پهتي مظاهرين پاران روڊ کولڻ کان انڪار ڪيو.

اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جي وڏي فرزند اچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون، اسان کي نظر انداز ڪري سياسي اڳواڻ پنهنجا نوازي تحت من پسند ماڻهن کي راشن ۽ خيما ڏيئي رهيا آهن، مطالبا نه مڃيا ويا ته احتجاج جاري رهندو : ارباب عنايت الله پاران مختيار ڪار ڪلوئي سان ڳالھ ٻولهه ۽ خاطري بعد روڊ کوليو ويو.










