ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ ۽ ٻين قومپرست پارٽين جي سڏ تي جبري طور کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ احتجاجي جلوس ڪڍيا ويا. مقررن چيو ته سنڌ جي وسيلن جي مالڪي جي ڳالهه ڪرڻ ڪو گناهه ناهي، پرامن جدوجهد ڪندڙن سان رياستي ادارن جو غير آئيني سلوڪ ۽ ظلم جي مذمت ڪريون ٿا ۽ چتاءُ ٿا ڏيون اسنکي ڀت سان نه لڳايو.

***ٽنڊوباگو جي 17 گريڊ جي وٽرنري ڊاڪٽر آيت الله جروار کي تقريبن اڍائي مھينا اڳ کنڀي گم ڪرڻ خلاف وٽرنري ڊاڪٽر دودو چانڊيو، ڊاڪٽر عامر ڀرڳڙي ۽ محمد علي بوهڙ جي اڳواڻي ۾ ڊاڪٽرن ۽ ٻئي عملي طرفان ايوان صحافت اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔ ان موقعي تي مظاھري جي اڳواڻي ڪندڙ ڄاڻايل اڳواڻن چيو ته ڊاڪٽر آيت الله جروار جو اڄ ڏينهن تائين ڪو به ڏس پتو ڪونھي۔ سندس معصوم ٻچا بيحال آھن جيڪڏھن ڊاڪٽر آيت الله جروار ڪنھن ڏوھ ۾ ملوث آھي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي جبري طور کيس گم ڪري ڪھڙو ميسج ڏنو پيو وڃي ھنن چيو ته اسان پوري ضلعي جا وٽرنري ڊاڪٽر سراپاءُ احتجاج آھيون پر حڪمرانن کي ڪابه خبر نه ٿي پوي ھنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ڊاڪٽر آيت الله جروار کي آزاد ڪيو وڃي.

****ٺاروشاھ جيئي سنڌ محاذ ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ، ۽ ٻين قومپرست جماعتن پاران سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزادي ، سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي سازش خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي وئي. جيئي سنڌ محاذ جي ضلعي صدر عرفان ڏاھري، عالم بالادي، نورالدين شر، نور حسن ، اعجاز شر، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي تعلقه ڀرياسٽي جي جنرل سيڪريٽري مختيار حسين بالادي ، لطيف اسٽيڊي سرڪل جي راحيل اڄڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عوامي پريس ڪلب ٺاروشاھ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيون ويو ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ مان قومي سياسي ڪارڪنن کي کنڀڻ بند ڪيو وڃي ۽ گم ڪيل شاگردن بشير خان شر ، غلام رسول شر ، عاقب چانڊيو ، حفيظ پيرزادو سميت سڀني کي فوري آزاد ڪيو وڃي انھن چيو ته جي اگر ڪنھن جي خلاف ڪو به ڪيس داخل آھي ته ان کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. هنن چيو ته سنڌ مان افغانين کي فوري نيڪالي ڏئي پنهنجي ڏيهه موڪليو وڃي . ھنن وڌيڪ چيو ته ڪراچي سنڌ جي دل آھي ان خلاف سازش ڪرڻ بند ڪئي وڃي سنڌ امن پيار محبت جي ڌرتيءَ آھي ان خلاف ناپاڪ سازشون ڪندڙ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا.

***جسقم تعلقي سڪرنڊ پاران مرڪزي سڏ تي سنڌ مان قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف صحافي چؤڪ تي هڪ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي جسقم تعلقي سڪرنڊ جي صدر مسعود شاهه ، برڪت جلباڻي ، ارباب سولنگي، غوث ڪيريو ، فرمان رند ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ مان قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته وزير اعظم عمران خان اپوزيشن واري وقت واعدو ڪيو هو ته سنڌ مان قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ غلط عمل آهي ۽ هو حڪومت ۾ اچي سڀني کي آزاد ڪندو پر اڄ سندس ئي دور ۾ سنڌ مان سوين ماڻهو گم آهن. آءِ جي سنڌ 500 ماڻهن جي گمشدگي جو سينيٽ جي ڪميٽي ۾ بيان ڏئي خود اقرار ڪيو آهي. اهو ڪنهن به مهذب ملڪ ۾ ناهي ٿيندو. ***خيرپور ۾ به جسقم جي سڏ تي احتجاج ڪيو ويو. ڪارڪنن جهنڊا کڻي نعرا هنيا ۽ چيو ته پرامن سياسي جدوجهد ڪندڙن کي گم ڪرڻ آئين ۽ قانون جي خلاف ورزي آهي، جنهن معاشري ۾ انصاف نه ملندو آهي ته انقلاب ايندو آهي.










