وزيراعظم ۽ بل گيٽس جي پوليو خلاف موثر مهم تي اتفاق

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان ۽ بل گيٽس وچ ۾ فوت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي جنهن ۾ هنن پاڪستان ۾ پوليو مهم موثر نموني هلائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان ڪوورنا وائرس جي وبا دوران پوليو جي خاتمي لاءِ اپاءَ وٺڻ بابت کيس آگاهه ڪيو. وزيراعظم کيس ٻڌايو ته بروقت سمارٽ لاڪ ڊائون سميت اهم اپاءُ وٺٻ سبب حڪومت ڪورونا تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي آهي ۽ هاڻي معيشت جي بحالي لاءِ اپاءَ ورتا پيا وڃن. هن بل گيٽس پاران پوليو جي خاتمي ۽ ڪوورنا تي ڪنٽرول لاءِ ڪيل مدد تي شڪريو ادا ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پوليو ويڪسين پاڪستان ۾ تيار ڪرڻ بابت به اتفاق ڪيو.بل گيٽس پاڪستاني حڪومتي اپائن جي واکاڻ ڪندي چيو ته پوليو مهم دوران ڏورانهن علائقن تائين ٽيمون موڪليون وڃن جيئن هڪ به ٻار ڦڙا پيئڻ کان رهجي نه وڃي. ان موقعي تي نيشنل ڪمانڊ آپريشن سينٽر کي مهم ۾ شامل ڪرڻ بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو