دوداپور(ن سنڌيار)ميرانپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ محبت بٿياڻي بُليدي واسي صحبت بٿياڻي بُليدي ڄامشوري ۾ قتل ڪيو ويو، مقتول ڪجهه ڏينهن اڳ مائٽن وٽ ڄامشوري گهمڻ ويو هو، جتي کيس گهر اندر فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو، ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ته واقعو ڪارنهن تڪرار تان پيش آيو آھي، مقتول جو لاش ڳوٺ محبت بٿياڻي بليدي پُهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جتي آخري رسمون ادا ڪري مقتول کي اباڻي قبرسان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويوآخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.










