ناميارو شاعر علي محمد اڏيرائي زندگي جي جنگ هارائي ويو

 ڳاڙھو (سلطان  کٽي) ‘منهنجي مئي کانپوءِ مٺڙا منھنجون ڳالھيون  ساريندين’ جھڙي مشھور ڪلام جو خالق سنڌ جو مشهور ڪيسٽي دنيا جو شاعر علي محمد اڏيرائي هميشه لاء وڇڙي ويو. 23 سالن کان  فالج جھڙي خطرناڪ بيماري سان جنگ ڪندڙ مشهور شاعر نيٺ زندگي جي جنگ هارائي ويٺو. شاعر علي محمد اڏيرائي جي جنازي نماز اڄ 11 وڳي گهارو ٽائون ڪميٽي ۾ ادا ڪئي وئي، سندس مڙهه اباڻي ڳوٺ اوڏيرو لال گھوڙا ٻاري قبرستان م مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس ھڪ بيواھ ۽ 6  معصوم ٻارڙن جو  اولاد پونئيرن ۾ آھن دعا آھي ته الله پاڪ جنت الفردوس م جڳهه عطا فرمائي گهر وارن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي.

پهنجو تبصرو موڪليو