لاهور (ويب ديسڪ) پاڪستان جي ٻن وڏين اپوزيشن جي جماعتن عيد کانپوءِ حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ ل جماعتي ڪانفرنس گهرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو اعلان بلاول هائوس لاهور تي ٻنهي جماعتن جي اڳواڻن جي ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو ويو. ان کان اڳ مسلم ليگ (ن) جي جنرل سيڪريٽري احسن اقبال جي سربراهي ۾ اياز صادق ۽ خواجه سعد رفيق تي مشتمل وفد بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي. جنهن ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پيپلز پارٽي جا قمرالزمان ڪائره، چوڌري منظور به ملاقات ۾ موجود هئا. نيوز ڪانفرنس م احسن اقبال چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، ستر سالن بعد نوان تجربا ڪرڻ نه ڏينداسين، تباهه حال معيشت سان 21 صدي ۾ ڪا به رياست بچي نه سگهندي. هن چيو ته عيد بعد سمورين جماعتن سان رابطو ڪري حڪومت خلاف گڏيل حڪمت عملي جوڙي ويندي. هن چيو ته حڪومت ايف اي ٽي ايف جي اوٽ ۾ بدترين قانون آڻڻ چاهي ٿي جنهن ۾ دهشتگردن جي فناسنگ جي شڪ جي بنياد تي ڪنهن کي به 3 مهينن لاءِ بنا رمانڊ جي حراست ۾ رکي سگهبو. هن چيو ته هي فاشست قانون آهي ۽ نيب کان وڌيڪ بدترين قانون آهي. خطي جو حالتن سبب اندروني سياسي استحڪام ضروري آهي پر موجوده حڪومت انتقامي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي. حڪومت گڏيل قومن ۽ ايف اي ٽي ايف کي بدنام ڪرڻ لاءِ غير انساني قانون مخالفن کي هيسائڻ لاءِ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.










