عاصم اظهر جي نئين گاني “تم تم”جو ٽريلر جاري

لاهور (ويب ديسڪ)پاڪستاني ميوزڪ انڊسٽري جي نوجوان ۽ معروف گلوڪار عاصم اظهر پاران نئين گاني “تم تم” جو ٽريلر جاري ڪري ڇڏيو. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي عاصم اظهر ٽيهه سيڪنڊن جو ٽريلر شيئر ڪيو جنهن جي ابتدا ۾ ڪينيڊين فلاسفر ميتھسونا ڊھلوايو جو ھڪ منفرد قول شامل ڪيو ويو آهي. تم تم گاني جي ابتدا ۾ جيڪو قول شامل ڪيو ويو آهي تنهن جو مطلب آهي ” اگر تون محبت اڳيان پيسي جو انتخاب ڪيو ته پوءِ تون ھميشه غريب رھندين”.

ٽيهه سيڪنڊن جي جاري ڪيل وڊيو ٽريلر اندر گاني جا ٻول شامل ناھن ڪيا ويا پر گاني جي ڪھاڻي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي جنهن ۾ محبت ۽ سسپينس جي ملاوٽ پڻ نمايان نظر اچي رهي آهي. ٽريلر کي ڏسي ڪري بظاھر اھو معلوم ٿي رهيو آهي ته عاصم اظهر پيسي واري گھراڻي سان تعلق رکندڙ آهي ۽ ھو ڪنھن سان محبت ۾ گرفتار ٿي ويو آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي گلوڪار پاران وڊيو شيئر ڪئي وئي ۽ حيرانگي جھڙي ڳالهه اھا ھئي ته ٽڪ ٽاڪ اسٽار عريقه جو به وڊيو ۾ ذڪر آهي. عاصم اظهر جو نئون گانو “تم تم” 2 جولائي 2020 تي رليز ڪيو ويندو. ياد رهي ته عاصم اظهر اڄ تائين 32 کان وڌيڪ گانا ڳائي چڪو آهي، جڏهن ته هن گذريل پاڪستان سپر ليگ اندر ڪراچي ڪنگ لاءِ پرجوش گانو پڻ ڳايو هو، پي ايس ايل جي پنجن ئي آفيشل ترانن ۾ پنهنجي آواز جو جادو پڻ جڳائي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو