ويڪسينيٽرن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو

ٺل(ن سنڌيار) ويڪسنيٽرن پاران مطالبن جي مڃتا جي لاءِ احتجاج جاري رکندي سول اسپتال جي گيٽ آڏو  علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، مظاهرين سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن عبدالشڪور دشتي، محمد اعيسي سرڪي، بشير احمد شاهه، زين العابدين سرڪي، سونو نوناري، نزاڪت علي سرڪي ۽ ٻين چيو ته ويڪسنيٽرن جي جائز مطالبن کي تسليم ڪيو وڃي،گاوي ويڪسنيٽرن کي پڪو ڪيو وڃي، سنڌ سرڪار اسان سان واعدو ڪيو هو پر هاڻي واعدي تان ڦري وئي آهي،هنن مطالبوڪيو ته اسان جا مطالبا تسليم ڪيا وڃن،ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو