آءِ ايم ايف ڪورونا سبب اضافي امداد ڏيڻ لاءِ راضي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا چيو آهي ته ڪورونا وائرس سبب پاڪستان کي گهربل فڊز جلد ڏنا ويندا. جاري ڪيل بيان ۾ هن وزيراعظم عمران خان پاران ڏنل ڪورونا متاثرين واري پيڪيج جي ساراهه ڪندي چيو آهي ته ڪورونا سبب دنيا جون معيشتون متاثر ٿي رهيون آهن ۽ انهن کي سهارو ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته حڪومت معاشي سزارن تي ڪم ڪري پئي پر دنيا ڀر م ڪورونا سبب وڏو اثر پيو آهي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان حڪومت جي مدد ڪنداسين. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم جيڪو پيڪيج منظور ڪيو هو ان بابت حفيظ شيخ چيو هو ته اهو 125 ارب روپين جو آهي. هن ٻڌايو هو ته آءِ ايم ايف سان 1.4 ارب ڊالر جي اصافي امداد بابت ڳالهيون هلندڙ آهن. هن اهو به ٻڌايو هو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان 35 ڪروڙ ڊالر هاڻي ۽ 90 ڪروڙ ڊالر جون ۾ ملندا. آءِ ايم ايف 6 ارب دالر منظور ڪيا هئا ۽ ان لاءِ بجلي، گيس جا اگهه وڌائڻ سميت ڪيترائي شرط لاڳو ڪيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو