ٽڪن تي ورتل زال سون ۽ نقد رقم کڻي فرار، مڙس پريشان

ملير (ڊ ر ) گهگهر جي جنگي ڳوٺ ۾ رهندڙ پورهيت بخشل اڄڻ ملير جي صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي پهرين گهر واري جي وفات کان پوءِ مون محمد خان تنيو ۽ سلميٰ بنگالڻ نالي عورت معرفت هڪ لک 75 هزار عيوض 100 ڪوارٽر ڪورنگي جي رهائشي حافظ حسين احمد بنگالي جي ڌيءَ مريم (جيڪا پنج ٻارن جي ماءُ ۽ طلاق شده آهي) نڪاح ڪيو، هن چيو ته شادي جي پهرين ڏينهن کان وٺي منهنجي گهر واري مريم مون تي زور ڀريندي رهي ته گهگهر وارو گهر وڪڻي منهنجي مائٽن جي پاڙي ۾ هلي رهون، مون سندس جي گهڻي اسرار تي گهگهر واري جڳهه کپائي جنهن جي ڪجهه رقم ساڍا پنج لک رپيا سوٿي عيوض مليا جيڪي مون پنهنجي گهر واري کي رکڻ لاءِ ڏنا ۽ چيو ته باقي پئسا ملندي ئي ڪورنگي هلنداسين، گذريل ڏينهن  جڏهن آئون  مزدوري تان واپس آيس ته گهر ۾ ڪير به نه هو مون پنهنجي گهر واري جو نمبر ملايو ته نمبر بند پئي ويو، پاڙي وارن کان معلوم ٿيو ته ڏينهن جو منجهند ڌاري سوزوڪي سوار ٻه ماڻهو گهر جو سامان گاڏي ۾ وجهي منهنجي گهرواري ۽ ٻارن کي به وٺي ويا، مون جڏهن گهر جي جهڙتي ورتي ته خبر پئي گهر ۾ پيل سونا زيور بندا، ٻه سونيون منڊيون جن جي ڪل قيمت هڪ لک 27 هزار رپيا آهي ۽ گهر جي سودي جا مليل ساڍا پنج لک ۽ ٻيا 70 هزار رپيا به غائب هئا، ٻئي ڏينهن تي منهنجو جڏهن پنهنجي گهر واري سان فون تي رابطو ٿيو ته هن مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندي چيو ته ٻيهر فون ڪندين ته سٺو نه ٿيندئي.گھر واري جا مائٽ عرفان آصف ۽ فون تي موتمار ڌمڪيون پيا ڏين.

پهنجو تبصرو موڪليو