باجماعت نماز تي پابندي، آمريڪا ۽ يورپ ۾ وائرس ۾ اضافو

دبئي (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جي ڦهلجڻ بعد متحده عرب امارات  ابو ظهبي، ڪويت ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ مسجدن ۾ با جماعت نماز پڙهڻ تي بندش لڳائي وئي آهي. ڪويت ۾ مسجدن مان ملندڙ اذان ۾ ماڻهن کي چيو ٿو وڃي ته گهر ۾ نماز پڙهو. ابو ظهبي ۾ 4 هفتن لاءِ نماز، شادين ۽ ٻين اجتماعن تي بندش لڳائي وئي آهي. دبئي ۾ تفريحي جاين کي خالي ڪرايو ويو آهي ۽ سفري پابنديون به لڳايون ويون آهن. ڪويت ۽ قطر سميت ڪجهه ملڪن ۾ هوٽل بند ڪرڻ جو پڻ چيو ويو آهي. اسپتالن ۾ معمولي سرجري تي بن بندش وڌي وئي آهي. ياد رهي ته چين بعد ايران ۾ ڪورونا وائرس ڦهليو ۽ هن مهل تائين ايران ۾ 853 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته 14 هزار 991 مريض وائرس ۾ مبتلا آهن. متحده عرب امارات 28 ٽن دوائون ۽ ماسڪس جا 2 جهاز ايران لاءِ امداد موڪلي آهي.دنيا جي 157 ملڪن ۾ ڪورونا وائيس جي مريضن جو انگ هڪ لک 78 هزار کان وڌي ويو آهي ۽ هن مهل تائين 7055 ماڻهو مري چڪا آهن. يورپ ۽ آمريڪا ۾ وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جي انگ ۾ اضافو ۽ چين ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي. يورپ ۾ 35 هزار مريض آهن جن مان 27 هزار رڳو اٽلي ۾ آهن. اٽلي ۾ مرندڙن جو انگ 2158 ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو