ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت 16 مارچ کان شروع ٿيندڙ ميٽرڪ جا امتحان رد ڪندي تعليمي ادارا اڍائي مهينن لاءِ بند رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. هاڻي سنڌ ۾ تعليمي ادارا پهرين جون تي گرمين جي موڪلن بعد کلندا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي سربراهي ۾ ٿيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته پي ايس ايل جي ميچز ۾ تماشائين جي اسٽيڊيم اچڻ تي بندش هوندي، شادين ۽ جلسن جلوسن تي پابندي هوندي جيئن عوامي ميڙ گهٽ ٿين ۽ وائرس نه ڦهلجي. وڏي وزير جي مشير مرتضيٰ وهاب اجلاس بعد ٽوئيٽ ۾ چيو ته اسڪول پهرين جون تي کلندا ۽ هي موڪلون گرمين جي موڪلن ۾ ڳڻيون وينديو. تعليم جي صوبائي وزير سعيد غني به ان جي تصديق ڪئي آهي.
ياد رهي ته سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جو پهريون ڪيس 26 فيبروري تي ظاهر ٿيو هو. هن مهل سنڌ ۾ هڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيو آهي. اسلام آباد کان ڪراچي پهتل شخص ۾ وائرس ظاهر ٿي آهي.










