غوثپور (عبدالنبي ملڪ)شھر جي قديم ۽ تاريخي بابا غريب داس مندر ۾ 205 ساله ھولي واري ميلي جون تقريبون شروع ٿي ويون آھن. ھن ميلي ۾ سنڌ جي ۽ بلوچستان جي مختلف شھرن مان سوين ھندو مرد توڙي عورت عقيدتمند شرڪت ڪري رهيا آهن. ميلي ۾ انڊيا جي مختلف شهرن مان به وفد آيل آهن. ميلي جي موقعي تي پوري مندر کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو آھي.

پھرين رات سنڌ جي ناليواري ڀڳت سشيل ڪمار صوفيانه ڪلام ڳائي آيل سوين ماڻھن کي روحاني سڪون پھچايو جڏھن ته ٽي وي چئنل جي مزاحيه آرٽسٽ راجيش گل مزاحيه ڪاميڊي ذريعي کلائي کلائي کيرو ڪري ڇڏيو. ميلي ۾ جيڪب آباد ۽ پني عاقل مان سنت سنتوش ۽ سنت منوھر لال خاص شرڪت ڪئي.

پروگرام ۾ ڪراچي مان مھراج روي رميش، حيدرآباد مان پريه ولڀ ۽ جيڪب آباد مان پون ڪمار ھندن جي مقدس گرنٿ ڀڳوت گيتا تي ليڪچر ڏنا. ميلي جي موقعي تي مفت کاڌي پيتي جا اسٽال ۽ لنگر جو بندوبست به ھندو پئنچايت طرفان ڪيو ويو جيڪو ٽئي ڏينھن ھلندو رھندو. ميلي ۾ عقيدتمندن جي گھڻي رش سبب پوليس ۽ رينجرز طرفان سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن.










