قتل ڪيس جي 4 جوابدارن کي ڦاهي ۽ ڏنڊ جي سزا

نواب شاھ (ن س) ماڊل ڪرمنل ڪورٽ 2 جي جج آصف مجيد قريشي جي عدالت ۾ واپڊا حيسڪو جي ايس ڊي او ڪريم بخش ڏاھري سميت ٽن ڄڻن جي خون جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي گرفتار چار جوابدارن کي ڦاسي جي سزا ٻڌائيندي ٻه ٻه لک روپين جو ڏنڊ ھڻي ڇڏيو جڏھن ته ڪيس ۾ ٽي جوابدار روپوش آھن. واضح رھي ته ٻه سال اڳ محرم مھيني جي نائين تاريخ تي سٺ ميل ٿاڻي جي حد ۾  حيسڪو واپڊا جي ايس ڊي او ڪريم بخش ڏاھري سندس ڀاءُ رسول بخش ڏاھري ۽ ڀائٽي عبدالغفور ڏاھري کي قبرستان تي ھٿياربندن فائرنگ ڪري بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو ھو جنھن جو ڪيس سٺ ميل ٿاڻي تي سندس ڀاءُ جي مدعيت ۾ ست  جوابدارن علي بھار ، علي شير ، مولابخش ،علي گوھر ڏاھري ، علي اڪبر ، علي جوھر ۽ علي دوست ڏاھري تي داخل ڪرايو ھو جنھن مان چار جوابدار علي بھار ، علي شير ، مولابخش ۽ علي گوھر ڏاھري گرفتار ھئا ۽ ٽي جوابدار علي اڪبر ، علي جوھر ۽ علي دوست ڏاھري روپوش آھن جن تي قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدارن علي بھار ، علي شير ، مولابخش ۽ علي گوھر ڏاھري کي ڦاسي سان گڏ ھر ھڪ تي ٻه ٻه  لک روپيا ڏنڊ جي سزائي ٻڌائي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو