صحافي جي قاتلن ۽ حملو ڪندڙن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

ڪراچي (نمائندن وٽان) محرابپور جي صحافي شهيد عزيز ميمڻ جا قاتل اڃا گرفتار نه ٿي سگهيا جنهن خلاف ٺل جي صحافين احتجاجي مظاهرو ڪري قاتل گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ٻئي پاسي مورو ۾ صحافي زاهد قائم خاني جي گهر تي حملو ڪيو ويو آهي. جنهن خلاف مورو جي صحافين احتجاجي مظاهرو ڪيو. مورو مان مورائي اياز سولنگي موجب يونين آف جرنلسٽس پاران سينيئر صحافي زاهد قائمخاني جي گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪرڻ ۽ سندس ڀائرن کي زخمي ڪرڻ واري عمل خلاف مورو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهروڪيو ويو. جنهن جي اڳواڻي اصغر ڪورائي,بخشل جماڻي, اختر لغاري ,محمد بخش عالماڻي, اصحاق ڪورائي, جاني جماڻي ظفر پنهور,منظور لغاري, اياز سولنگي, وحيد مستوئي,راؤ عزيز, ماجد سھتو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جتي هنن خطاب ڪندي چيو ته زاهد قائمخاني جي گهر تي حملو صحافت تي وار آھي اهو ڪڌو عمل صحافت دشمن ماڻھو ڪري رهيا آھن ۽ ڪنهن به صورت ۾ اها حرڪت برداشت نه ڪئي ويندي سڀ صحافي زاهد قائمخاني سان گڏ آھن هنن وزير اعلي سنڌ آءِ جي سنڌ پوليس سميت اعلي مجاز اختيارين کان گهر ڪئي ته حملو ۽ زخمي ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيفرڪردار تائين پھچايو وڃي. *** ٺل مان عبدالنبي شيخ موجب صحافي عزيز ميمڻ جي قتل خلاف صحافين ۽ شهرين پاران ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهروڪيو،

مظاهرين سخت نعريبازي ڪئي،ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن صحافين مجيد نوناري، عبدا شيخ،مير ڀٽي،رؤف سرڪي ۽ ٻين چيو ته پوليس امن امان ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي،پوري سنڌ کي پوليس جي اسٽيٽ بڻايو ويو آهي، سرعام عام شهرين،قومي ڪارڪنن،ايم پي ايز ۽ صحافين کي قتل ڪيو پيو وڃي پر جوابدار گرفتار نٿا ٿين، سرعام قتل عام جون وارداتون ٿي رهيون آهن پر پوليس انتظاميه خاموش بڻيل آهي،هنن چيو ته صحافين کي ڌمڪائڻ قتل ڪرڻ سان خاموش نٿو ڪري سگهجي،حق سچ جي واٽ تي صحافي هميشه هلندا رهندا، هنن مطالبو ڪيو ته صحافي عزيز ميمڻ جي قتل جي اعليٰ سطحي جاچ ڪندي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو