پاڪستان کي دهشتگرد حملن جو نشانو بڻجندي نٿا ڏسي سگهون

پاڪستان کي دهشتگرد حملن جو نشانو بڻجندي نٿا ڏسي سگهون

واشنگٽن: (ويب ڊيسڪ) آمريڪا افغانستان کان پاڪستان ۾ ٿيل دهشتگردي جي معاملي تي پاڪستان جي خدشن جي حمايت ڪندي واضح ڪيو آهي ته آمريڪا پاڪستان کي دهشتگرد حملن جو نشانو بڻجندي نٿو ڏسي سگهي.آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو اٽلانٽا ۾ جي 20 پرڏيهي وزيرن جي اجلاس جي اختتام تي ڳالهيون ڪندي چيو ته پاڪستان مسلسل افغانستان جي زمين تان ٿيل دهشتگرد حملن تي ڳڻتي جو اطهار ڪري رهيو آهي.مارڪو روبيو موجب پاڪستان جو موقف آهي ته افغان طالبان پنهنجي زمين تان پاڪستان ۾ ٿيل دهشتگردي روڪڻ جي لاءِ موثر قدم ناهن کنيا جنهن جي جواب ۾ پاڪستان دهشتگردن جي خلاف ڪارروايون ڪيون آهن.آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته واشنگٽن نٿو چاهي ته پاڪستان دهشتگردي جو نشانو بڻجي مارڪو روبيو جي بيان کي دهشتگردي واري معاملي تي پاڪستان جي سيڪيورٽي خدشن ۽ موقف جي آمريڪي حمايت جي طور تي ڏٺو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو