ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) آڪٽوبر ۾ هڪ هزار 64 ارب رپين کان وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪيو. ايف بي آر جي دستاويز موجب اداري 1132 ارب رپين جي هدف جي مقابلي ۾ 11.4 سيڪڙو گهٽ ٽيڪس گڏ ڪيو. دستاويز موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين چئن مهينن دوران ايف بي آر 4 هزار 89 ارب رپيا ٽيڪس گڏ ڪيو، جڏهن ته وصولين جو هدف 4 هزار 185 ارب رپيا هو. دستاويز ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايف بي آر مقرر ڪيل هدف جو 97.7 سيڪڙو حاصل ڪيو. آڪٽوبر ۾ انڪم ٽيڪس جي مد ۾ 425 ارب 20 ڪروڙ، سيلز ٽيڪس جي مد ۾ 440 ارب 80 ڪروڙ ۽ ڪسٽمز ڊيوٽي جي مد ۾ 118 ارب 60 ڪروڙ رپيا گڏ ڪيا ويا. دستاويز موجب آڪٽوبر ۾ 61 ارب 90 ڪروڙ رپين جا ٽيڪس ريفنڊ ادا ڪيا ويا، جڏهن ته خالص ٽيڪس وصوليون هڪ هزار 3 ارب رپيا رهيون. چئن مهينن دوران انڪم ٽيڪس جي وصولي هڪ هزار 915 ارب 60 ڪروڙ، سيلز ٽيڪس جي مد ۾ هڪ هزار 707 ارب 20 ڪروڙ ۽ ڪسٽمز ڊيوٽي جي مد ۾ 454 ارب رپيا رڪارڊ ڪئي وئي.دستاويز موجب جولاءِ کان آڪٽوبر تائين 265 ارب 20 ڪروڙ رپيا ٽيڪس واپس ڪيا ويا.










