پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي آءِ جي ذوالفقار حميد چيو آهي ته 12 ضلعن ۾ پوليس جي ضرورتن لاءِ 30 کان 40 ارب رپين جي گهرج آهي، جنهن لاءِ وفاقي حڪومت سان ڳالهيون جاري آهن. هن چيو ته 12 ضلعن ۾ چئن ڪيٽيگريز تي ڌيان ڏنو ويو آهي، جن ۾ جديد هٿيار، ڊرون ۽ ٻيو سامان بنيادي ترجيح آهن. انهن ضلعن ۾ سيف سٽي منصوبا مڪمل ڪرڻ تي پڻ ڌيان ڏنو پيو وڃي.آءِ جي پوليس چيو ته هڪ سال اندر سمورن ضلعن جا سيف سٽي منصوبا مڪمل ڪيا ويندا. ضم ٿيل ضلعن ۾ پوليس جو بنيادي ڍانچو موجود ئي نه هو، هاڻي اتي انفرااسٽرڪچر ٺاهيو ويندو.خيبرپختونخوا جي آءِ جي موجب جتي پوليس جو بنيادي ڍانچو ڪمزور آهي، اتي ان کي مضبوط ڪيو ويندو، پوليس جي کوٽ پوري ڪرڻ سان گڏ اهلڪارن کي خاص تربيت پڻ ڏني ويندي.هن وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخوا پوليس جي اهلڪارن جي پگهارن بابت سمري تيار ڪئي وئي آهي، جنهن تي ناڻي وارو کاتو پنهنجي راءِ ڏئي گورنر ڏانهن موڪليندو.










