گهارو (ن س) نئين آبادي گهارو ۾ مسجد قبا جي پيش امام مولوي اڪرام الله کي نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪري زخمي ڪري ڇڏيو، مولوي اڪرام الله فجر جي نماز پڙهي گهر واپس اچي رهيو هو ته نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪري زخمي ڪري ڇڏيو کيس نازڪ حالت ۾ ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. ٻئي طرف گهارو پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.










