مان ڪرپٽ ناهيان، جيڪو ڪرپٽ هوندو فوج کان ڊڄندو؛ عمران خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته مان ڪرپٽ ناهيان جيڪو ڪرپشن ڪندو آهي اهو فوج کان ڊڄندو آهي. ملڪي موجوده صورتحال تي صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته ملٽري ايجنسين کي معلوم هوندو آهي ته ڪير ڇا ڪري رهيو آهي ان ڪري جيڪو ڪرپشن ڪندو آهي اهو فوج کان ڊڄندو آهي مان نه ڪرپٽ آهيان نه ئي پيسا ٺاهي رهيو آهيان. ملڪ ۾ اٽي بحران تي هن چيو ته اپوزيشن حڪومت جي وڃڻ جون ڳالهيون صرف پنهنجي پارٽي کي گڏ ڪرڻ لاءِ ڪندي آهي ۽ اهي سياسي مافيا آهي انهن کي مهانگائي جي نه پر پنهنجي ذات جي فڪر هوندي آهي پر اٽي بحران جي ابتدائي رپورٽ ۾ جهانگير ترين ۽ خسرو بختيار جا نالا شامل ناهن. آءِ ايم ايف جي بجلي قيمتن ۾ اضافي تي عمران چيو ته قيمتون وڌيڪ نه وڌايون وينديون ان حوالي سان آءِ ايم ايف سان معاملا طئي ڪيا ويندا. جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي بيان تي وزيراعظم چيو ته ان جي بيان تي آرٽيڪل 6 جو ڪيس هجڻ گهرجي معلوم ٿيڻ گهرجي ته مولانا فضل الرحمان کي ڪنهن يقين ڏياريو آهي. سينيٽ اليڪشن جي حوالي سان وزيراعظم ٻڌايو ته اليڪشن اصلاحات لاءِ قانون آڻي رهيا آهيون جنهن تحت اليڪٽرانڪ ووٽ ۽ بايو ميٽرڪ سسٽم کي لازمي قرار ڏينداسين. هن وڌيڪ چيو ته سينيٽ اليڪشن خفيا طور نه ٿيندي ۽ شو آف هينڊز سان سينيٽ اليڪشن جو قانون آڻينداسين.  

پهنجو تبصرو موڪليو