نينگري گهمڻ ڦرڻ کان لاچار، وارثن پاران پوليو جو شڪ

ٽنڊو غلام حيدر(ميرحسن رند) ڳوٺ مسو خان رند ۾ وارثن پنھنجي نياڻي 5 سالا زارا ڌي لياقت رند کي پوليو ھئڻ جو شڪ ڏيکاريو آهي معصوم نياڻي زارا رند جي ھڪ ڄنگھ سڪي رھي آهي ۽ ھو ھلڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي ويئي آهي. ان سلسلي ۾ وارثن جو چوڻ آهي ته نياڻي کي ڪجھ سال پھرين تيز بخار آيو هو ۽ بعد ۾ ھڪ ڄنگھ ڦري ۽ پير ڦري ويا اٿس جنهن سبب ھو هاڻي ھلڻ کان لاچار ٿي وئي آهي. معصوم نياڻي جي مائٽن صحافين اڳيان ڳالهائيندي  ٻڌايو ته اسان وس آهر ڪافي علاج به ڪرايو آهي پر معصوم نياڻي جي طبعيت ٺيڪ نه ٿي سگھي آهي ھنن شڪ ڏيکاريو آهي ته شايد اسان جي نياڻي کي پوليو آهي. ھنن سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتي جي وزير کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان جي ڳوٺ ۾ فوري طور طبي علاج لاءِ ٽيم موڪلي نياڻي جي علاج لاءِ اسان جي مدد ڪئي وڃي ۽ اهو به  ڪنفرم ڪيو وڃي ته اسان جي نياڻي کي پوليو آهي يا ڪا ٻي بيماري آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو