بلال ڀٽو آءِ ايم ايف سان ٻيهر نئين معاهدي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ٻيهر معاهدي ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي غريب عوام جي حقن جي سوديبازي ڪئي وئي آهي. اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس کان ٻاهر ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو وزيراعظم جي مشير خزانه حفيظ شيخ تي تنقيد ڪندي چيو ته هو آءِ ايم ايف جو نمائندو ٿي سگهي ٿو عوامي نمائندو نه ٿو ٿي سگهي. بلاول جو چوڻ هو ته قومي اسيمبلي ۾ منهنجي تقرير جو جيڪو حصو حذف ڪيو ويو اهو آءِ ايم ايف ڊيل جي سچائي تي مبني هيو آءِ ايم ايف معاهدي سان ڪا به مثبت تبديلي نه ايندي. هن جو چوڻ هو ته جهڙي تيزي سان مهانگائي ۾ اضافو ٿيو آهي پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ناهي ٿيو ۽ 15 مهينن ۾ جيترو قرض ورتو ويو ماضي ۾ ڪڏهن به ايترو قرض ناهي ورتو ويو. پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ عوام جو مطالبو آهي ته پي ٽي آءِ کي آءِ ايم ايف جو معاهدو رد ڪري. هن چيو ته ٽيڪس ۾ 400 ارب جو شارٽ فال آهي هن ملڪ جو هر طبقو پريشان آهي عوام جو معاشي قتل ٿي رهيو آهي، کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون هڪ سال ۾ 78 فيصد تائين وڌي ويون آهن ڪراچي ۾ هڪ شخص خودڪشي ڪئي ڇاڪاڻ ته هو ٻارڙن کي ڪپڙا وٺي نه ڏئي سگهيو. چيئرمين پيپلزپارٽي جو چوڻ هو ته هارين ۽ مزدورن جو معاشي قتل آهي، حۡومت تنقيد تي ذاتيات تي لهي ٿي اچي ۽ گار گند ڪري ٿي هي حڪومت گارگند ۽ ماضي ۾ رهڻ جي عادي آهي. بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان چيو هو ته مودي وڏي آفيس ۾ ننڍو ماڻهو آهي مان عمران خان جي ڳالهه ورجائي ته اسپيڪر ۽ ميمبر ڳالهائڻ لڳا. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته آءِ ايم ايف سان ٻيهر معاهدو ڪيو وڃي توهان نالائق آهيو، نااهل آهيو حڪومت نه ٿا هلائي سگهو افسوس حڪومت حقيقتن تي ڳالهائي ئي نه ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو