اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) متحده اپوزيشن جو پهريون پارلياماني اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ قومي اسيمبليءَ جي اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئيءَ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر علامه راجا ناصر عباس، جميئت علمائي اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان سميت ٻين اهم اپوزيشن ميمبرن شرکت ڪئي. اجلاس ۾ اپوزيشن پارٽين پنهنجي جدوجهد کي قانون سازيءَ تائين محدود رکڻ تي اتفاق ڪيو. اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو ته مھانگائي، امن امان جي خراب صورتحال، نون صوبن جي جوڙجڪ، عدليه، معيشت، دهشتگردي ۽ سياسي قيدين سميت ٻين قومي معاملن تي پارليامينٽ جي اندر متفقه ۽ گڏيل حڪمتِ عملي اپنائي ويندي. اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته موجوده صورتحال ۾ صوبن جي ورهاست جو وقت ناهي، ڇو جو ان سان عدم اعتماد وڌندو. محمود خان اچڪزئي ۽ بئريسٽر گوهر علي خان چيو ته موجوده سياسي ماحول ۾ اپوزيشن جو هڪ پليٽ فارم تي متحد ٿيڻ خوش آئند آهي ۽ تمام پارٽيون گڏجي اڳتي وڌنديون.










