حيدرآباد (رپورٽ:توفيق ماڪا) حيدرآباد باءِ پاس تي ايوب هوٽل اسٽاپ ويجهو قائم قديمي رهائشي ڪالوني ظفر هائوسنگ اسڪيم ۾ ترقياتي ڪم نه ٿي سگهيا، ڪالوني ۾ چارديواري جو هنڌان هنڌان ٽٽل، ڊرينيج نظام ناڪاره هئڻ سميت ٻين ڪيترن ئي مسئلن کانسواءِ رهواسين کي پيئڻ جو واسا پاڻي نه ملڻ خلاف ڪالوني ۾ رهندڙن رهواسين ۾ مايوسي جي لهر ڇانيل، ڪنهن به تدارڪ نه ڪيو. جنهن جي حل لاءِ سوسائٽي ۾ قائم ڪيل يونين ظفر هائوسنگ ويلفيئر جي عهديدارن صدر ڊاڪٽر طاهر، سينيئر نائيب صدر ايوب سومرو، جميل احمد گورڙ، جنرل سيڪريٽري نجم الدين ڏيپر، جوائنٽ سيڪريٽري سھيل احمد باجڪاڻي، خزانچي ڊاڪٽر فيصل شھاب راشدي، پريس سيڪريٽري توفيق احمد ماڪا، آفيس سيڪريٽري ڪاشف علي شيخ بلڊر محسن گهمڻ سان ملاقات ڪري ڪالوني ۾ پيش ايندڙ مسئلن جا داستان ٻڌايا، عهديدارن محسن گهمڻ سان ڳالهائيندي چيو ته ڪالوني ۾ رهندڙ رهواسين کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ڪالوني ۾ سڪيورٽي جي نظام کي بهتر ڪيو وڃي، ڊرينيج جي نظام ۾ سڌارو آندو وڃي، کليل گٽرن جي صفائي ڪرائي انهن کي ڍڪيو وڃي، ڪالوني ۾ جهنگ جي صفائي ڪرائي وڃي ۽ اسٽريٽ لائيٽون لڳرائي ڪالوني جو نظام بهتر ڪيو وڃي. مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ کانپوءِ بلڊر محسن گهمڻ يونين عهديدارن سان ڳالهائيندي چيو ته ڪالوني ۾ ڪم ڪبا ان لاءِ ڪجهه وقت درڪار آهي، هن چيو ته مان ڪوشش ۾ لڳو پيو آهيان ته واسا اداري وارن سان ملي ڪري ڪالوني ۾ ڊرينيج جي نظام کي بهتر ڪري سگهجي ۽ ڪالوني ۾ مٺيءَ پاڻي جي پهچ کي يقيني بڻايو وڃي، محسن گهمڻ چيو ته ڪالوني جي مسئلن جي حل لاءِ سياسي ڪوششون به ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته ڪالوني جي چارديواري مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪجهه ماپ جو مسئلو آهي جيڪو جلد حل ڪيو ويندو جنهن لاءِ ڪجهه وقت لڳي سگهي ٿو، ڊرينيج جي ڪم لاءِ به ڪجهه وقت لڳي سگهي ٿو. ڪالوني جي جهنگ جي صفائي جي حوالي سان ڪجهه ڏينهن ۾ کليل پلاٽن تي ٽريڪٽر هلائي جهنگ صاف ڪرايو ويندو، محسن گهمڻ چيو ته بلڊر آفيس جي مقرر ٿيل چوڪيدار کي پابند بڻايو ٿا ته هو رات جو باقاعدگي سان گيٽ تي موجود رهي سڪيورٽي نظام کي ڪجهه بهتر بڻائي باقي ڪالوني اندر وڌيڪ گارڊ ڏيڻ کان معذرت ڪريان ٿو، بور جو پاڻي ڪافي گهرن تي نه پهچڻ واري مسئلي کي به جلد حل ڪيو ويندو. ڪالوني اندر اڳ ڪجهه اسٽريٽ لائيٽون ڏنيون هيون هاڻ به 15 لائيٽون ڏيان ٿو جن مان ڪجهه لائيٽون ڪالوني جي مين روڊ تي لڳايو وڃن ته جيئن ڪجهه ڪالوني اندر روشني ٿي سگهي، وڌيڪ ڪالوني واسين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ به مان ڪوشش ڪندس. جڏهن ته ڪالوني ۾ ترقياتي ڪمن جي سست رفتاري تي توفيق ماڪا مايوسي جو اظهار ڪيو.










