لاڙڪاڻو: پوليس مقابلي دوران 2 انتهائي گهربل ڪار لفٽر مارجي ويا

لاڙڪاڻو: پوليس مقابلي دوران 2 انتهائي گهربل ڪار لفٽر مارجي ويا

لاڙڪاڻو:(ن س) لاڙڪاڻي ۾ آريجا روڊ تي پوليس مقابلي دوران 2 انتهائي گهربل ڪار لفٽرن جي مارجي وڃڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي.ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري موجب پوليس گاڏي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته هٿياربندن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن تي پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ٻئي جوابدار مارجي ويا.پوليس موجب مارجي ويل جوابدارن جي سڃاڻپ بين الصوبائي ڪار لفٽر گينگ جي سرغنه گلشن گوپانگ ۽ غلام شبير ڪلهوڙو طور ٿي آهي.ايس ايس پي موجب مارجي ويل جوابدارن جي قبضي مان هڪ رائفل، هڪ پسٽل ۽ چوري ٿيل سوزوڪي مهراڻ ڪار هٿ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هٿ آيل گاڏي ڪراچي جي بهادرآباد ٿاڻي جي حد مان چوري ٿيڻ جو ڪيس پڻ داخل ٿيل آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ٻنهي جوابدارن تي 100 کان وڌيڪ گاڏيون چوري ڪرڻ سميت ڪيترن ئي سنگين ڪيسن ۾ ملوث هجڻ جو الزام هو، جڏهن ته سندن ڪرمنل رڪارڊ ڪراچي، خيرپور، گھوٽڪي ۽ لاڙڪاڻي جي مختلف ٿاڻن مان پڻ سامهون آيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو