عمان: (ويب ڊيسڪ) سنڌي ڪميونٽي آف عمان پاران جشن آزادي پاڪستان جي تقريب جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن جو مهمان خاص پاڪستان جو سفير ڊاڪٽر نويد صفدر بخاري هوء اعزاري مهمان ۾ سيد فياض علي شاھ عمان پاڪستان فرينڊشپ اسيسوئيشن جو صدر هو، ان کان علاوه ايمبيسي جي آفيسرن سميت پاڪستاني ڪميونٽي ۽ سنڌي ڪميونٽي وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.هي پروگرام پارڪ ويو ريڊيسن هوٽل مسقط ۾ ٿيو. تقريب کي سفير پاڪستان ڊاڪٽر نويد صفدر بخاري، سيد فياض علي شاھ، محمد عثمان لکڻ ، ڊاڪٽر شرف عطاالله شاھ، ڊاڪٽر دليپ ڪمار، علي اشفاق منگي، برڪت شيخ سميت ٻين خطاب ڪيو.ان موقعي تي پروفيسر احمد نواز هڪڙو، ڊاڪٽر دليپ ڪمار، ڊاڪٽر فياض عمراڻي ۽ برڪت شيخ کي مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا، جڏهن ته جشن آزادي جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو، آخر ۾ ڊنر جو اهتمام ڪيو ويو ۽ ميوزڪ سميت گروپ فوٽوگرافي پڻ ڪئي وئي.










