پشاور (ويب ڊيسڪ): خيبرپختونخواهه جي مختلف ضلعن ۾ اڄ کان 15 آگسٽ تائين گجگوڙ سان شديد برساتن جي پيشنگوئي ڪندي پي ڊي ايم اي پاران الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.پي ڊي ايم اي موجب چترال، دير، سوات، شانگلا، مانسھره، ائبٽ آباد، پشاور، مردان ۽ صوابيءَ سميت ٻين علائقن ۾ طوفاني وسڪارو متوقع آهي.الرٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته برساتن سبب حساس جبلن واري علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ ۽ مردان توڙي صوابيءَ جي هيٺانهين علائقن ۾ اربن فلڊنگ جو خطرو آهي، جنهن سبب ندي نالن تي سيڪيورٽي برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.










