گڊز ۽ ٽرانسپورٽرن جي هڙتال جاري، نظام متاثر

گڊز ۽ ٽرانسپورٽرن جي هڙتال جاري، نظام متاثر

ڪراچي(ويب ڊيسڪ): گڊز ۽ مني مزدا ٽرانسپورٽرن جي اڻڄاتل مدت واري هڙتال ٻئي ڏينهن به جاري رهي، جنهن سبب اڏن تان مال بردار گاڏين جي روانگي مڪمل طور معطل ٿي وئي آهي. ٽرانسپورٽرن پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ روزاني بنيادن تي تبديلي، اضافي ٽئڪسن ۽ ڳرن ڏنڊن کي رد ڪندي رد ٿيل 7 هزار 500 گاڏين جا لائسنس بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هنن واضح ڪيو ته المطالبات جي منظوريءَ تائين هڙتال ختم نه ڪئي ويندي، جنهن سبب مال جي ترسيلي نظام ۾ وڏو بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو