ن ليگ آزاد ڪشمير ۾ سادي اڪثريت حاصل ڪري ورتي

ن ليگ آزاد ڪشمير ۾ سادي اڪثريت حاصل ڪري ورتي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي مشير رانا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته ن ليگ آزاد ڪشمير ۾ حڪومت سازي لاءِ سادي اڪثريت حاصل ڪري ورتي آهي. وفاقي وزير برائي امور ڪشمير ۽ گلگت بلتستان امير مقام سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي رانا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته آزاد ڪشمير ۾ شفاف چونڊون ٿيون، ڪشمير جي عوام نواز شريف جي ويزن کي ووٽ ڏنو جنهن تي ڪشمير جي عوام جا شڪرگذار آهيون ۽ سمورن ڪامياب اميدوارن کي مبارڪباد پيش ڪيون ٿا. سندس چوڻ هو ته آزاد ڪشمير ۾ هڪ جمهوري ۽ عوامي مينڊيٽ سان حڪومت بڻجي رهي آهي، آزاد ڪشمير جي ايندڙ حڪومت سمورن عوامي مسئلن جو حل يقيني بڻائيندي، نواز شريف آزاد ڪشمير جي عوام سان جيڪي واعدا ڪيا آهن ن ليگ انهن کي پورو ڪندي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ سادي اڪثريت حاصل ڪري ورتي آهي، آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي جي 45 مان 23 سيٽن تي ن ليگ ڪاميابي حاصل ڪري چڪي آهي، 10 تاريخ تي چونڊن جي ٽئين مرحلي کان ترت پوءِ پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس گهرايو ويندو. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته ٻئي مرحلي ۾ 20 سيٽن تي چونڊون ٿيون، مسلم ليگ (ن) 13 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته پيپلز پارٽي ٻئي مرحلي ۾ 3 سيٽون حاصل ڪيون، ڌاندلي جو روئڻ روئيندڙ 7 مان صرف 3 سيٽن تي ڪامياب رهيا جڏهن ته مسلم ليگ (ن) مظفر آباد جي 4 سيٽن تي فتح حاصل ڪئي. رانا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته 12 مهاجر سيٽن مان 10 تي ن ليگ ڪامياب رهي جڏهن ته پيپلز پارٽي مهاجرن جي ٻن سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي. وزيراعظم جي مشير رانا ثناءُ الله الزام لڳايو ته مظفر آباد ۾ پيپلز پارٽي جي ماڻهن ايڪشن ڪميٽي سان گڏجي هڪ چوڪ تي هنگامو ڪرايو، پوليس جي پهچڻ تي فائرنگ ڪئي وئي، هڪ شخص جي هلاڪت سان شهر ۾ خوف ۽ حراس پکڙيو، ۽ ٽرن آئوٽ (ووٽن جو تناسب) گهٽجڻ سبب مسلم ليگ (ن) سٽي جي سيٽ هاري وئي. رانا ثناءُ الله چوڌري لطيف اڪبر تي قاتلاڻي حملي جي ترديد ڪندي چيو ته مڪن ۽ گارين کي قاتلاڻو حملو قرار ڏنو ويو، ميڊيڪل ڪرائڻ کان انڪار ڪيو ويو، چوڌري لطيف اڪبر جي تڪ کي ڊسٽرب ڪرڻ لاءِ انهن پورو زور لڳايو، پهرين هنن تڪ ۾ مجبور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سنڌ پوليس جي ڊيوٽي لڳائي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو