ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سي ٽي ڊي حيدرآباد جي ٽيم انٽيليجنس بيسڊ تي ٽارگيٽڊ آپريشن ڪندي پابندي مڙهيل تنظيم ايس آر اي جي گهربل دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو.سي ٽي ڊي ترجمان موجب گرفتار دهشتگرد امام بخش خاصخيلي کي هوسڙي ٿاڻي جي حد مان گرفتار ڪيو ويو. گرفتار جوابدار سي ٽي ڊي کي ڪيترن ئي ڪيسز ۾ گهربل هو. گرفتار جوابدار کان هينڊ گرنيڊ، بارودي مواد، ڊيٽونيٽر، ريموٽ ڪنٽرول، بيٽري ۽ ڊيٽونيٽنگ، ڪورڊ 30 بور ۽ سب مشين گن جا خالي خول به مليا آهن. ڪارروائي جي دوران گرفتار جوابدار جو ساٿي سومار ملاح پوليس تي فائرنگ ڪندي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جنهن جي ڳولا جاري آهي. گرفتار جوابدار جي خلاف دهشتگردي ۽ ايڪسپلوزو ايڪٽ سميت ٻين قلمن جي تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. گرفتار دهشتگرد امام بخش خاصخيلي پابندي مڙهيل تنظيم ايس آر اي جو نظرياتي ڪارڪن ۽ سهولتڪار آهي. جوابدار سي ٽي ڊي جي ڪيترن ئي ڪيسز ۾ اشتهاري ۽ روپوش دهشتگرد آهي. گرفتار جوابدار جو تعلق اڳ کان گرفتار دهشتگرد مبشر لغاري، علي حيدر ڪتريو، سارنگ ميراڻي ۽ مهراڻي ميراڻي سان آهي. گرفتار جوابدار دهشتگردن جي مالي مدد ۽ بارودي مواد جي فراهمي ۾ به ملوث رهيو آهي. گرفتار جوابدار اعتراف ڪيو ته بارودي سامان ساٿي سومار ملاح انهي کي فراهم ڪيو هو. جوابدار قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گاڏين کي نشانو بنائڻ جي منصوبه بندي ڪري رهيو هو. جوابدار جي ڀرتي مبينه طور تي ايس آر اي ڪمانڊر اصغر شاهه ٽيليگرام جي ذريعي هئي. گرفتار جوابدار مختلف دهشتگرد ڪارروائين ۽ ساٿين سان رابطن جو اعتراف ڪيو آهي.سي ٽي ڊي موجب جوابدار اندرون سنڌ سجاول ۾ ڪارگوٽريلرز تي فائرنگ جي واقعن ۾ به ملوث رهيو. او جي ڊي سي ايل جي گاڏين تي حملن، پٿراءُ ۽ ڀته خوري ۾ به ملوث هجڻ جو به انڪشاف ڪيو آهي. جوابدار نوجوانن کي رياست مخالف سرگرمين تي ڀڙڪائڻ ۽ ذهن سازي ۾ به ملوث رهيو. فرار جوابدار سومار ملاح جي گرفتاري لاءِ ڇاپا مار ڪارروايون جاري آهن. گرفتار جوابدار کان وڌيڪ اهم انڪشافن جو امڪان آهي. جڏهن ته وڌيڪ جاچ جو سلسلو جاري آهي.










