ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سول سوسائٽي ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي چيئرمين سعيد راجپوت وفد سان گڏ ريسڪيو 1122يعني يارنهن ٻاويهه جي اسٽال جو دورو ڪيو جتي ريسڪيو جي آفيسرن وفد کي اداري جي مختلف خدمتن هنگامي امدادي ڪاررواين ۽ جديد ريسڪيو نظام بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.
بريفنگ دوران ريسڪيو آفيسر ريحانه ياسمين، سحر مظهر ۽ سنگيتا وفد کي ريسڪيو يارنهن ٻاويهه جي ايمرجنسي خدمتن، قدرتي آفتن، ٽريفڪ حادثن، باهه لڳڻ جي واقعن ۽ ٻين هنگامي حالتن ۾ اداري جي ڪردار بابت آگاهي ڏني.
ان موقعي تي ڳالهائيندي سول سوسائٽي ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي چيئرمين سعيد راجپوت چيو ته ريسڪيو يارنهن ٻاويهه موجوده دور ۾ قدرتي آفتن ۽ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ وارو انتهائي اهم قومي ادارو آهي.
هن چيو ته موسمياتي تبديلي ۽ قدرتي آفتن ۾ مسلسل واڌ کي نظر ۾ رکندي ريسڪيو يارنهن ٻاويهه کي جديد ترين اوزارن جديد ٽيڪنالاجي، تربيت ۽ ٻين ضروري سهولتن سان وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي ته جيئن عوام کي بروقت ۽ اثرائتي امدادي خدمتون فراهم ڪري سگهجن.
سعيد راجپوت ريسڪيو يارنهن ٻاويهه جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشاوراڻين خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته انساني جانين جي تحفظ لاءِ سندن ڏينهن رات ڪيل خدمتون انتهائي ساراهه جوڳيون آهن ۽ سڄي قوم سندن خدمتن کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي.










