مستونگ ۾”آپريشن العزم“ جاري، مارجي ويل دهشتگردن جو  انگ 13 ٿي ويو

مستونگ ۾”آپريشن العزم“ جاري، مارجي ويل دهشتگردن جو انگ 13 ٿي ويو

مستونگ (مانيٽرنگ ڊيسڪ): بلوچستان جي علائقي مستونگ ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران ”آپريشن العزم“ جي تحت ڪيل ڪارروائين ۾ مارجي ويل دهشتگردن جو انگ وڌي 13 ٿي ويو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب، فورسز پاران انٽيليجنس بيسڊ آپريشن جي سلسلي ۾ بلوچستان جي مختلف حصن ۾ اثرائتيون ڪارروائيون ڪيون پيون وڃن، جنهن دوران مستونگ جي علائقي کڏ ڪوچا ۾ ڪيل ڪامياب ڪارروائيءَ ۾ وڌيڪ دهشتگرد مارجي ويا آهن. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪارروائيءَ دوران ڪالعدم تنظيم فتنہ الهندستان جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته آپريشن دوران وڏي مقدار ۾ هٿيار، بارودي مواد ۽ آئي اي ڊي (IED) تيار ڪرڻ جو سامان پڻ هٿ ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب هن معرڪي ۾ فتنہ الهندستان جي ڪيترن ئي دهشتگردن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع پڻ مليل آهن. سيڪيورٽي اختيارين عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته بلوچستان مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ امن امان جي قيام تائين فورسز پاران آپريشن بنا ڪنهن وقفي جي جاري رکيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو