نيب کي يلو لائين ۾ ڪرپشن بابت جاچ جو حڪم، رڪارڊ طلب

نيب کي يلو لائين ۾ ڪرپشن بابت جاچ جو حڪم، رڪارڊ طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): چيئرمين نيب پاران ڊي جي نيب ڪراچي کي بي آر ٽي (BRT) يلو لائين پروجيڪٽ ۾ ٿيل مبينا مالي بي ضابطگين ۽ ڪرپشن جي تحقيقات ڪرڻ جون سخت هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. نيب ذريعن موجب چيئرمين نيب، ڊي جي نيب ڪراچي کي پروجيڪٽ ۾ مبينا طور تي ساڍا 8 ارب رپين جي اڳواٽ (ايڊوانس) ادائگين واري معاملي جي مڪمل جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب اختيارين پاران بي آر ٽي يلو لائين ۾ ڪيل ساڍا 8 ارب رپين جي ايڊوانس ادائگين جو تفصيلي جائزو ورتو ويندو، جنهن ۾ اهو ڏٺو ويندو ته ان وڏي رقم جي ادائيگي کانپوءِ پروجيڪٽ تي ڪهڙا ترقياتي ڪم ڪيا ويا ۽ ڪهڙا ڪم اڌ ۾ ڇڏيا ويا، ان سان گڏ ئي سمورن لاڳاپيل عوامل جي ڇانڊ ڇاڻ ڪئي ويندي. ياد رهي ته پروجيڪٽ جي ٺيڪيدارن کي غير قانوني طور تي ساڍا 8 ارب رپين جي پيشگي ادائيگي ڪرڻ جي الزام هيٺ بي آر ٽي يلو لائين ڪراچي جي اڳوڻي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ضمين عباسي کي نيب پاران اڳ ئي لاهور مان گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ هاڻي هن پروجيڪٽ جي جاچ جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو