دهشتگردن جو حملو، سيشن جج محافظ سميت قتل، ٻيو جج زخمي

دهشتگردن جو حملو، سيشن جج محافظ سميت قتل، ٻيو جج زخمي

ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ) ڪوئٽا کان مستونگ پنهنجي عدالت ويندي ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج گارڊ سميت مارجي ويو. ابتدائي ميڊيا جي اطلاعن موجب سيشن جج عبدالحڪيم ڪاڪڙ محافظ سان گڏ موقعي تي مارجي ويو. ولي خان ڪراسنگ وٽ نامعلوم دهشتگردن مٿس حملوڪيو. ساڳئي گاڏي ۾ سوار ايڊيشنل سيشن جج طارق لاشاري زخمي ٿي پيو آهي. گذريل رات مستونگ جي علائقي کڏ ڪوچا ۾ هڪٻئي ڌار دهشتگردي جي واقعي ۾ ڪوئٽا کان ڪراچي ويندڙ بس تي به حملو ٿيو هو، جنهن ۾ ابتدائي اطلاعن موجب 3 مسافر انعام الحق، سيد طارق نياز ۽ لياقت خان مارجي ويا هئا ۽ 3 مسافر نجم ثاقب، عبدالحنان ۽ عبدالولي زخمي ٿيا هئا. جنهن بعد اربع تي رات 9 وڳي بعد علائقي ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو هو. بلوچستان جي وڏي وزير سرفزاز بگٽي واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هي ججن تي نه پر رياست تي حملو ٿيو آهي. دهشتگردن کي جلد ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. ياد رهي ته اڄ صبح حڪومت خراب حالتن سبب مستونگ جي تعلقي کڏ ڪوچا ۾ ڪرفيو لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو