جماعت اسلامي جو سيڪريٽري جنرل اميرالعظيم لاڏاڻو ڪري ويو

جماعت اسلامي جو سيڪريٽري جنرل اميرالعظيم لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور: (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جو سيڪريٽري جنرل اميرالعظيم لاڏاڻو ڪري ويو آهي.جماعت اسلامي جي سيڪريٽري جنرل امير العظيم ڪينسر جي بيماريءَ جو وڏي حوصلي سان مقابلو ڪيو ۽ هو آخري لمحي تائين تحريڪي ذميواريون نڀائيندو رهيو.جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان امير العظيم جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اميرالعظيم جي رحلت جماعت اسلامي لاءِ ڪڏهن به پورو نه ٿيندڙ نقصان آهي.حافظ نعيم الرحمان وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي هڪ مدبر، باوقار، بااصول ۽ انتهائي مخلص اڳواڻ کان محروم ٿي وئي آهي؛ اميرالعظيم شديد بيماريءَ جي باوجود صبر، استقامت ۽ عزم جو مظاهرو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو