اسلام آباد)بيورو رپورٽ) ايندڙ هفتي لاءِ ڊيزل ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ وڏي واڌ جو امڪان آهي. تفصيل موجب، ڊيزل 40 روپيا ۽ پيٽرول 10 روپيا في ليٽر مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي، پر قيمتن ۾ ٿيندڙ هن واڌ کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ حڪومت پاران پيٽروليم ليوي ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي. ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ واڌ سبب ايندڙ 15 ڏينهن جي جائزي ۾ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 18 جولاءِ کان 40 روپيا في ليٽر تائين وڏي واڌ متوقع آهي، جڏهن ته پيٽرول جي قيمت ۾ به لڳ ڀڳ 10 روپيا في ليٽر تائين واڌ جو امڪان آهي. ٻئي طرف، حڪومت پيٽروليم شين جي ذخيرو اندوزي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. ان کان علاوه، “نيشنل ڪميٽي آن مانيٽرنگ اينڊ ڪوآرڊينيشن” ڪجهه بدعنوان مارڪيٽ عناصر پاران پيٽروليم شين جي ذخيرو اندوزي جو سخت نوٽيس وٺندي اوگرا کي لاڳاپيل ۽ ضروري ڪارروايون ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.










